ڊامڻ لٺڙيون يا وڃڻيءَ جو ساٺ

ڊامڻ لٺڙيون يا وڃڻيءَ جو ساٺ (رسم): هي هڪ رسم آهي، جيڪا سنڌ ۾ رائج آهي. شادين جي موقعي تي ڊامڻ گاهه جون ٽاريون يا لامون پٽي، انهن جي موڙي ٺاهبي آهي، جنهن سان شاديءَ جي رسم ۾ ساٺ ڪبو آهي. جتي ڊامڻ گاهه نه ٿيندو آهي، اتي وڃڻيءَ جي ڳن سان، مانڌاڻي جي ساٺ وانگر گهوٽ ۽ ڪنوار کي ٽي ٽي ڀيرا ساٺ ڪيو ويندو آهي. هن رسم دوران ساٺ جو مخصوص ڳيچ/ سهرو پڻ ڳايو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو